پنڊت موهن لال

پنڊت موهن لال: پنڊت موهن لال لالا ڳوٺ ڀوتڙن (لڳ سيوهڻ) جو ويٺل هو. هي ميان عطر خان ولد ميان نور محمد ڪلهوڙي جي درٻار جو خوش نويس هو. ميان عطر خان جي درٻار ۾ 27 خوش نويس هئا، ليڪن جاءِ صدارت پنڊت موهن لال والاري هئي. جنهنڪري کيس ”قرة العين“ (اکين جو ٺار) جو لقب مليل هو. ميان عطر خان هن کان ”نگرانِ سـنڌ“ نالي ”آئينِ اڪـبري“
جي نموني تي 12 جلدن ۾ ”سنڌ جي حڪمرانن جي تاريخ“ مرتب ڪرائي هئي. جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ سنڌ جي ولين جو به ذڪر ۽ سنڌ جا قصا ۽ ڪهاڻيون به تحقيقي انداز ۾ موجود آهن. هن تاريخ تيار ڪرڻ ۾ پنڊت موهن لال وڏي محنت ڪئي هئي. ٽه ماهي مهراڻ جي شماري 2/1990ع موجب هي نادر ماخذ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي وٽ محفوظ هو. جڏهن ته ميان علي محمد سيال، جيڪو تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽر اسڪولس رهي چڪو هو. اُن پنهنجي ڊائريءَ ۾ هن ماخذ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته عمر ڪوٽ ۾ نوڪريءَ دوران ڪڇ کان ڪي سنڌي صاحب زادا وٽس پڙهڻ آيا هئا، جن کيس ڪجهه جلد پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا. سيال صاحب انهن تان ڪجهه اوتارا ورتا هئا، جن کي پير ”اظهر“ ريلائيءَ چوپڙيءَ جي صورت ۾ ڇپايو هو، سندس انهيءَ ڇپيل چوپڙيءَ جو نالو ”ريلائي پير“ آهي.


لفظ پنڊت موهن لالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو